Wikipedia:اڄ جو خاص ليک/February 20, 2006
Wikipedia طرفان
[edit] ماحولياتي انتظام ڪاڻ اُپگرھي عڪس ضماءُ ۽ درجھ بنديءَ جيِ طريقن جو اڀياس
Review of the methods of Satellite Image Fusion and Classification for Environmental Management
عُروج فَن
State-of-the-Art
احسان احمد عرساڻي ڊاڪٽريٽ (سگنل پراسيسڱ ) جو شاگرد عڪس ۽ ڏور اِندريات ٻارِي
انسا غين فغانس INSA Rennes France
مھاڳ آئون مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پنھنجِي تدريسِي ذميوارين کان موڪلائي پيڇ ڊِي جِي تعليم لاءِ بتاريخ سيپٽمبر 22، 2005ع تي فرانس جي شھر غين، جيڪو بغتاڃ صوبي جِي گاڌيءَ جو ھنڌ آھي، ۾ پھتس. مون غين ۾ واقع اِنسا Institut National Des Sciences Appliquées نالي تحقيقي اداري ۾ داخلا ورتي ۽ پروفيسر جوسيف غونسان جِي نگرانيءَ ھيٺ ڪم شروع ڪيو. پروفيسر غونسان اِنسا جِي عڪس تجربيگاھھ ۾ پروفيسر آھي ۽ عڪس وَ ڏور اِندريات Image et Télédétection تحقيقي ٻارِيءَ جو ڊائيريڪٽر آھي. اھا ٻارِي انسا ۽ يونيورسٽي آف غين 1 جي محققن جِي گڏيل ٻارِي آھي. ھتي پھچڻ کان پوءِ منھنجي نگران پروفيسر مون سان منھنجِي پِي ايڇ ڊِي رِٿا تي بحث ڪري مون کي رٿا جو نصب العين سمجھايو ۽ مون کي لٽريچر رِويُو ڪري ٽن مھنن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو. مون کي رپورٽ فرانسيسيءَ ۾ لکڻ لاءِ چيو ويو پر فرانسيسي زبانَ تي گھربل عبور نھ ھوڻ ڪري مون رپورٽ انگريزيءَ ۾ لکِي پر زبانِي پريزنٽيشن فرانسيسيءَ ۾ ڏني. ھن دستاويز ۾ ساڳِي رپورٽ جو سنڌي ترجمو پيش ڪري رھيو آھيان. انگريزي زبان تي سٺو عبور رکندڙ ڪو بھ عام فرد جيڪڏھن انگريزيءَ ۾ لکيل پي ايڇ ڊي سطح جو ڪو بھ سائنسي ٽيڪنيڪي ادب پڙھندو تھ يقيناً سمجھي نھ سگھندو. ڇاڪاڻ تھ پي ايڇ سطح جو ڪو بھ سائنسي يا ٽيڪنيڪي ادب ڪنھن مخصوص موضوع سان لاڳاپيل ڪيتري ئي مواد جي تمام گھڻي ۽ گھري مطالعي بعد ئي وجود وٺندو آھي، جنھن کي سمجھڻ لاءِ بھ يقيناً محض انگريزي زبانَ يا ڪنھن بھ واسطيدار ٻوليءَ تي دسترس ھوڻ ڪافي نھ آھي. انَ سطح جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي موادَ اندر متعلقھ موضوع سان سلھاڙيل ڪيترا ئي ٽيڪنيڪي اصطلاح مستعمل ھوندا آھن، جيڪي عام پڙھندڙ لاءِ سمجھڻ جوڳا نھ ھوندا آھن. اھڙي مواد کي سمجھڻ لاءِ لاڳاپيل کيتر جو بنيادي علم ۽ مستعمل اصطلاحن جِي سمجھھ ھوڻ لازمي ٿي ٿو. تنھنڪري نھ رڳو ڪيترا ئي سنڌي سائنسي اصطلاح جوڙي پيش ڪيا ويا آھن، بلڪھ ھنَ دستاويز جي پڇاڙيءَ ۾ اھڙن سمورن جوڙيل اصطلاحن جِي مڪمل سمجھاڻي ڏني وئي آھي ۽ ڪجھھ اھڙا انٽرنيٽ لنڪ ڏنا ويا آھن، جتان انھن پٺيان لڪل سائنسي خيالَ کي سجھڻ لاءِ امدادِي مواد ملي سگھي. جيڪڏھن لازماَ درڪار بنيادي ڄاڻَ ۽ پس منظر ھوڻ باوجود ھيءُ دستاويز سمجھھ ۾ نھ اچي يا ڪي جوڙيل اصطلاح اڻ وڻندڙ يا غير درست فھم ڏيندا محسوس ٿين تھ انَ کي لکيڪ جِي اظھارِي يا لسانِي ڪمزورِي سمجھيو وڃي ۽ اھڙو تاثر ھرگز بھ نھ ورتو وڃي تھ مٺڙِي ٻوليءَ ۾ ڪا ڪمزورِي آھي جيڪا اوھان کي بيان ڪيل سائنسي خيال سمجھڻ ۾ آڏو اچي رھِي آھي. جيئن تھ ھيءُ سنڌيءَ ۾ اِنَ سطح تي سائنسي علم لکڻ جو پھريون تجربو ھو، تنھنڪري ضروري ھو تھ ڪيترن ئي انگريزي سائنسي اصطلاحن جا قابل فھم سنڌي بدل جوڙجن. اھڙو ڪم ڪٺن ضرور ھو، پر انَ ڪم دوران منھنجو اھو يقين اڃا پختو ٿيو تھ ٻين ڪيترين ئي جديد ٻولين، جھڙوڪ انگريزي ۽ فرانسيسيءَ جِي ڀيٽَ ۾ سنڌي زبانَ ۾ اظھاري قوت تمام گھڻي آھي. انَ احساس منھنجي عزم کي اڃا سگھارو بنايو ۽ آئون ھنَ ڪاوش ۾ اڃا وڌيڪَ دلچسپيءَ سان جنبِي پار پھتس. ھيءُ ڪم پنھنجِي جاءِ تي مشڪل تھ ھو ئي پر ذاتي طور اڻ لاڀائتو پڻ. ھيءُ ڪم ذاتي طور منھنجي لاءِ ڪو بھ فائدو پھچائيندڙ نھ ئي سھي، پر نھايت ئي ضرورِي ھو. ڇاڪاڻ تھ آئون ھر لحاظ کان سنڌي ٻولي ۽ قوم جو مقروض تھ اڳي ئي آھيان، پر جنھن اسڪالرشپ تي فرانس جي ملڪَ ۾ پڙھڻ آيو آھيان، تنھن جو خرچ سنڌ جي مشھور درس گاھھ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرڱ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو برداشت ڪري رھي آھي. مھراڻ يونيورسٽي توقع ٿِي رکي تھ آئون ڪاميابيءَ سان پِي ايچ ڊِي ڪرڻ بعد يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيونٽ آف ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز ۾ خدمتون سر انجام ڏيندس. مگر منھنجِي سمجھھ مطابق منھنجو فرض اتي پُورو نھ ٿو ٿي. جيئن تھ آئون سنڌ جي قومي اداري جي خرچ ۽ ھيتري ساري محنت ۽ مطالعي کان پوءِ متعلقھ کيتر ۾ ڪجھھ تصنيف ڪرڻ لائق ٿيو آھيان، تنھنڪري منھنجو اولين فرض ٿي ٿو تھ آئون اھو سمورو علم پنھنجِي پيارِي مادرِي زبان ۾ بھ منتقل ڪريان. جيڪڏھن ڪير اھو سوچي تھ ھنَ تحريرَ کي نظر انداز ڪندي ان مان ڪو بھ سنڌي لاڀُ نھ پرائيندو ۽ منھنجِي ھيءَ ڪاوش اجائي ويندِي؛ تھ بھ آئون سمجھان ٿو تھ انَ صورتَ ۾ بھ اھو سڀ ڪرڻ ضرورِي ھو، تھ جيئن ڪو سنڌي استاد اھا دعويَ نھ ڪري سگھي تھ سنڌيءَ ۾ لکي ئي نھ ٿو سگھجي يا ھُنَ سمورِي حياتي سنڌيءَ ۾ ان ڪري نھ لکيو ڇاڪاڻ تھ ڪنھن ٻي اھڙي پھل نھ ڪئي ھئي يا اھڙو ڪو مثال موجود نھ ھو؛ ۽ نھ ئي ڪو سنڌي شاگرد اھو چئي سگھي تھ گھٽ ۾ گھٽ ھنَ موضوع تي کيس سنڌيءَ ۾ پڙھڻ جو موقعو نھ مليو.
انجنيئر احسان احمد عرساڻي
تجريد جيئن تھ ھن دستاويز جي عنوان مان ئي ظاھر آھي، ھيءُ دستاويز بال عموم عڪس ضماءُ Image Fusion ۽ بال خصوص ڏور اِندرياتي عڪس ضماءُ Remote Sensing Image Fusion تي ٿيل تحقيق جي تازي ترين صورتحال پيش ڪرڻ لاءِ لکيو ويو آھي. ھتي حواليل تحقيقي ڪم جو مواد ۽ عرصو ٻڌائي ٿو تھ نھ ڏُور اِندريات Remote Sensing جا طريقا غير بليغ آھن ۽ نھ ئي عڪس ضماءُ جون ٽيڪنيڪون غير پختيون آھن. ھن پدَ کي رسڻ کان اڳ ضماءُ جو کيتر ڪيترا ئي مرحلا ۽ ڊگھو سفر طَي ڪري چڪو آھي. عڪس ضماءُ، در حقيقت، اعداد ضماءُ Data Fusion جِي مخصوص صورت آھي؛ ۽ تنھنڪري ضماءُ جون ھيستائين دريافت ٿيل سموريون ٽيڪنيڪون ڪافي حد تائين فصيح آھن ۽ ايترن ئي وسيع ۽ متفرق اعدادِي ذريعن تي استعمال ڪيون ويون آھن جيترا آواز ۽ ٽريفڪ انتظام لاءِ مسافرن جي معلومات. ھن دستاويز جو مقصد ضماءَ جي طريقن تي وسيع تناظر ۾ پر مختصراً بحث ڪرڻ، ۽ عڪسي اعداد ضمائڻ لاءِ ميسر طريقن ۽ وسلين جو گھرو مطالعو پيش ڪرڻ؛ ۽ آخر ۾ ڏور اِندرياتي مصرفن لاءِ عڪس ۽ غير عڪس اعداد جي ضماءُ تي ٿيل تحقيقي ڪم جو تَتُ پيش ڪرڻ آھي. عڪس ضماءُ جي ميدان ۾ رونما ٿيل تازي ترين پيش رفت توڙي نون لاڙن جِي نشاندھي ڪرڻ کان اڳ ڪيترن ئي مختلف مصرفن ڪاڻ استعماليل عڪس ضماءُ جا طريقا مختصراً سمجھايا ويا آھن ۽ منجھائن حاصل ٿيل نتيجا پڻ پيش ڪيا ويا آھن. جيئن تھ عڪس ضماءُ لاءِ استعمال ٿيندڙ اڪثر ٽيڪنيڪون پنھنجي ڪارج ۾ جبلتاً وسيع ۽ فصيح آھن، تنھنڪري ڪيترن ئي ھمعصر کيترن ھڪٻي جا رستا اورانگھيا آھن، جنھن ڪري ھيستائين انجام ڏنل سموري تحقيقي ڪم کي ھڪ ئي نڪتي تي يڪجا ڪرڻ اڃا مشڪل ٿي پيو. تھ بھ، آئون اميدَ ٿو ڪريان تھ ھيءُ دستاويز انَ کيتر جي عُروج پَدَ جا جيڪڏھن سمورا نھ تھ اڪثر پھلو ضرور اجاڳر ڪري ٿو ۽ زيرِ بحث مضمون ۾ ايتري ڳوڙھي نظر وجھي ٿو جو ھيءُ دستاويز مطالعي لائق ٿي سگھي . عڪس ضماءُ جي ٽيڪنيڀياسن کي ماحولياتي انتظام ڪاڻ استعمال ڪرڻ واري نصب العين تي زور ڏيندي، ماحولياتي مطالعات تي، بال خصوص آبگاھن جي مطالعات تي ڪجھھ ڇپايل تحقيقي ڪم جا حوالا پيش ڪيا ويا آھن.
تعارف اعداد ضماءُ Data Fusion مختلف ليکڪن اعداد ضماءَ يا ڊيٽا فيوزن جي اصطلاح کي مختلف طريقن سان بيان ڪيو آھي. ل. والڊ اعدادِي ضماءُ جي وصف ھيئن ٿو ڏي، ”اھو ھڪ اھڙو رسمي فريم ورڪ آھي، جنھن ۾ مختلف ذريعن کان حاصل ٿيل ڄاڻ کي ضم ڪرڻ لاءِ واضح طور طريقا ۽ اوزار ميسر ڪيل ھجن. ان جو مقصد اعليَ سڀاوَ جِي ڄاڻَ حاصل ڪرڻ آھي، جڏھن تھ اعليَ سڀاوَ جو مطلب ۽ وصف ضماءُ جي مصرف تي دارومدار رکن ٿا” [1]. ڊ. ل. ھال ۽ ج. ليناز موجب، ”اعدادي ضماءُ جون ٽيڪنيڪون ڪيترن ئي ذريعن کان وصول ٿيندڙ اعداد، ۽ ڪيترن ئي متعلقھ اعداد خانن Databases مان ملندڙ معلومات کي گڏين ٿيون تھ جيئن بھتر تُزگي حاصل ڪري ۽ اڃا باريڪ نتيجا اخذ ڪري سگھجن [2]. انگريزي سائنسي ادب ۾ فيوزن Fusion جي جاءِ تي ڪڏھن ڪڏھن مرجڱ Merging، ڪمبائينڱ Combining، سنرجي Synergy، الائنس Alliance ۽ انٽيگريشنIntegration وغيرھ جا اصطلاح بھ استعمال ٿيندا آھن. [3] ۾ ل. والڊ انھن ۽ اھڙن ٻين ڪيترن ئي اصطلاحن ۽ وصفن تي تفصيلي بحث ڪيو آھي.
عڪس ضماءُ Image Fusion عموماً، مختلف يا ھڪ ئي اِندرِيءَ مان حاصل ٿيندڙ عڪسن مان ھڪڙو عڪس جوڙڻ کي عڪس ضماءُ يا اميج فيوزن چيو ويندو آھي. اڃا بھ وسيع معنيَ ۾ عڪس ضماءَ کي ڄاڻوڪي ضماءَ جو ھڪ مخصوص پھلو سڏي سگھجي ٿو. ¬پول ۽ وان جينڊيرن عڪس ضماءُ کي ھيئن بيان ڪن ٿا، ”وڌيڪ ڄاڻَ رکندڙ نئون عڪس جوڙڻ خاطر ڪا بھ الخوارضمِي اختيار ڪندي ٻن يا گھڻن عڪسن جو امتزاج ڪرڻ” [4]. عڪس ضماءُ جون ڪيتريون ئي تنگ تناظُري وصفون آھن، جن جو تتُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آئون عڪس ضماءَ کي ھيٺينءَ ريت بيان ٿو ڪريان: ”مختلف قسمن جي، مختلف تحلل Resolution وارن ۽ مختلف ذريعن کان وصول ٿيل عڪسن ۽ غير عڪسن Non-Images مان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ کي گڏ ڪري ھڪ ئي عڪس يا غير عڪس نمائندگيءَ جو روپ ڏيڻ کي عڪس ضماءُ چئجي ٿو”.
عڪس ضماءَ جا مصرف Applications of Image Fusion جيتوڻيڪ مختلف ذريعن کان حاصل ٿيل عڪسن جو ضماءُ طبي عڪسڪاري Medical Imaging، پٿويکي عڪسڪاري Microscopic Imaging، ڏُور اِندريات Remote Sensing، ڳڻپيوڪر بصارت Computer Vision، ۽ روبوٽياتRobotics جھڙن انيڪ کيترن ۾ ڪارائتو آھي، پر انھن سڀني کي ھيٺين ٽن مکيھ گروھن ۾ ورھائي سگھجي ٿو:
گھڻ فوڪسي ۽/ يا گھڻ تعابيل عڪس The Multi-focus and/or Multi-exposure Images ڏُور اِندرياتِي اُپُگِـرَھَن کان حاصل ٿيندڙ عڪس Images from Remote Sensing Satellites طبي عڪس The Medical Images ھٿيار ڳولا، شبي ڏيک ۽ فوجي مقاصد Weanpon Detection, Night Vision and Defence Applications
گھڻ فوڪسي عڪسن جو استعمال عددي ڪيميرا Digital Camera جھڙن عددي عڪسڪاري اوزارن Digital Imaging Devices ۾ ڏٺو ويو آھي. گھڻ فوڪسي عڪس ضماءُ Multi-focus Image Fusion جي ميدان ۾ ڪيل تازي ڪم جو مثال [5] آھي، جڏھن تھ [6] گھڻ تعابيل عڪسن جي ضماءُ جو مثال آھي. عڪس ضماءُ جا طريقا طبي عڪسن، جھڙوڪ مقنائي ريزوننس عڪسن Magnetic Resonance Images، پَڙاڏو چِٽِ Ultra Sound ۽ ڳڻپيوڪر ٽوموگرافي عڪسنComputer Tomography جي ضماءُ لاءِ پڻ استعمال ٿي رھيا آھن. اتر آواز ۽ ڳڻپيوڪر ٽوموگرافي عڪسن جي ضماءَ تي تحقيق جو تازو مثال [7] آھي، جڏھن تھ [8] مثال آھي مقنائي ريزوننس عڪس ۽ ڳڻپيوڪر ٽوموگرافي عڪس جي ضماءَ جو. [9] شبي ڏيک لاءِ ڪيل عڪس ضماءَ جا تجربا پيش ڪري ٿو تھ ھٿيارن جِي ڳولا خاطر انفرا سُرخ ۽ ڏيکائيندڙ چشمياتي عڪسن جي ضماءُ جا طريقا [10] پيش ڪري ٿو. پر ھيءُ مطالعو گھڻي ڀاڱي ڏور اِندرياتي اپگرھن Remote Sensing Satellites مان حاصل ٿيندڙ عڪسن جي ضماءُ تي ڪيل تحقيق تي مرڪُوز آھي.
ڏُور اِندرياتي عڪس ڏور اِندرياتي عڪس اھي عڪس آھن جيڪي موسمياتي اڳڪٿي [11]، رورل زمين استعمال [12]، شھري رِٿابندِي ۽ انتظام [13]، زراعتي تحقيق [14]، ماحولياتي مطالعي Environmental Studies [15]، سھجياڀياسي مطالعي Ecological Studies [16]، قدرتي آفتزدگيءَ ۾ انتظام Natural Disaster Management [17-18]، نقشيسازي [19]، قدرتي وسلين جي کوج ۽ انتظام [20]، ۽ فوجي مقصدن [21] لاءِ ڪنھن ھوائي رَٿَ يا خلائي رَٿَ تي سوار Spaceborne Images مختلف قسمن جِي اِندرين Sensors مان ڪڍيا ويندا آھن. [22] قدرتي وسلين جي ڏور اندريات تي ھڪ مڪمل ڪتاب آھي. جيتوڻيڪ کيتر ڪم فيلڊ ورڪ Fieldwork ۽ ھوائي رٿوار عڪس Airborne Images اڃا بھ ڪجھھ ڏور اِندرياتي مصرفن لاءِ معلومات جو ذريعو بڻيل آھن، تھ بھ بعض اوقات انھن لاءِ درڪار خرچ ۽ وقت مطالعي لاءِ موزون نھ ٿو رھي [23]. ھوائي رٿوار عڪسن ۾، خلائي رٿوار عڪسن تي ڪي بيشيون (ايڊوانٽيجز) ھوڻ سان گڏ، ڪيتريون ڪَميون (ڊس ايڊوانٽيجز) بھ آھن. [24] سمورين ڪمين بيشين تي مختصر مگر مڪمل بحث ڪري ٿو. ٻين مسئلن کان علاوھ، ھوائي رٿوار اِندرين مان نڪتل عڪسن ۾ ڀون ماپي بيڊولايُن Geometric Deformations وارو مسئلو تمام ڳنڀير آھي. اھي ڀون ماپي بگاڙ Geometric Distortions ھوائي رَٿَ ۾ ٽن قسمن جي لوڏن باعث پيدا ٿين ٿا، جن کي چڪراٽي Roll، جھاڪائي Pitch، ۽ پاسائتي Yaw حرڪت چئجي ٿو. خاڪو نمبر 1 اھڙي صورتحال چِٽي ڪري ٿو. تازا ورتل اپگرھي عڪس درجھ بنديءَ جي عمل ۾ تحقيقار جي معاونت لاءِ نسبتاً سستا، انيڪ ۽ خاصا ورجائتا Frequent تفصيل ميسر ڪن ٿا. ڀون ماپي بگاڙ وارو مسئلو خلائي رٿوار عڪسن ۾ پڻ موجود آھي، پر نسبتاً گھٽ شدت سان. ڏور اِندرياتي اپگرھن مان حاصل ٿيندڙ عڪسن کي ٻن وسيع گروپن ۾ ورھائي سگھجي ٿو:
• چشمياتي عڪس Optical Images • جڙتو مھانڊي راڊار عڪس Synthetic Aperture RADAR Image
چشمياتي عڪس چشمياتي عڪس اھي عڪس آھن، جيڪي خلائي رَٿَSpace Craft يا ھوائي رَٿَ Aircraft تي سُوار چشمياتي اِندريُون Optical Sensors استعماليندي حاصل ڪيا وڃن. سيتلائيت پغوباتوئاغ د’وبزيغواسيون دُ لا تيغ (سپوت) Sattelite Probatoire d’Observation de la Terre (SPOT) ، نيشنل اوشَنِڪ اينڊ ايٽماسفيئرڪ ايڊمنسٽريشن (نوئا) National Oceanic & Atmospheric Administration (NOAA)، ڪوئيڪ برڊ QuickBird، ۽ ايڪونوس IKONOS مشھور ڏُور اِندريارتي اپگرھھ آھن، جيڪي ڌرتيءَ کي مشاھدي رھيا آھن ۽ ٻن قسمن جا چشمياتي عڪس مھيا ڪري رھيا آھن:
• يڪ اِنڊمي عڪس Panchromatic Image • گھڻ اِنڊمي عڪس Multispectral Image
يڪ اِنڊمي (يام) عڪس پان PAN دراصل پانڪروميٽڪ Panchromatic جو مخفف آھي. يڪ اِنڊمي يا پان عڪس بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير وانگيان ٿيندا آھن، جيڪي ڏيکائيندڙ کان اِنفرا سُرخ لھري ڊيگھن Infra-red Wavelengths تائين ڦھليل ھِڪَ ڪشادي انڊم Spectrum رکندڙ اِندرِيءَ Sensor مان نڪتل ھوندا آھن. ان کي اڪثر سليٽي درجن Grey Scale واري عڪس طور نمايان Display ڪيو ويندو آھي، مطلب تھ عڪسل جي ظاھري چمڪ ان جي عددي قدر يعني ڊجيٽل نمبر Digital Number تي منحصر ڪري ٿي، جيڪو وري سج جِي اُنَ ڪِرِڻِڪاريءَ Radiationتي دارومدار رکندو آھي جيڪا حدفن Targets سان ٽڪرائجي موٽَ کائي اِندِريءَ Sensor تائين رَسَندِي آھي. تنھنڪري يڪ اِنڊمِي عڪس کي بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير چئي سگھجي ٿو، جھڙوڪ تصوير 1، جيڪا ايڪونوس مان نڪتل واشڱٽن ڊِي سِي جو يڪ اِنڊمي عڪس ڏيکاري ٿي. جيتوڻيڪ اھا بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير کان انَ لحاظ کان مختلف آھي تھ بليڪ اينڊ وائيٽ ڪيميرا جِي اِندريءَ اڻ وانگيان ڪن اُپگرھن جون يڪ اِنڊمي اِندرِيون اِنفرا سُرخ لھرِي ڊيگھن کي بھ جھٽين ٿيون تھ ڪي اِندريون وري نيري رنگ وارين لھري ڊيگھن کي نھ ٿيون جھٽِينِ. يڪ اِنڊمي عڪسن جو تحلل ساڳي اُپگرھھ مان حاصل ٿيندڙ گھڻ اِنڊمي عڪسن جي تحلل کان ھميشھ وڌيڪَ ھوندو آھي، ڇاڪاڻ جو گھڻ اِنڊمي اِندرِيءَ جي نسبت يڪ اِنڊمي اِندرِي في ايڪو پکيڙَ مان وڌيڪَ توانائي جھٽي ٿِي. خاڪو نمبر 2 برق مقنائي اِنڊم Electromagnetic Spectrum جي ڏيکائيندڙ توڙي انفرا سُرخ حصي لاءِ ڪوئيڪ برڊ جِي اِندرين جون نسبتي حساسيتون (ريسپانسز) ڏيکاري ٿو. ان خاڪي مان صاف ضاھر آھي تھ ٻين اِندرين جي نسبت يڪ اِنڊمي اِندرِي برق مقنائي اِنڊم جي وڏي ڀاڱي مان توانائي حاصل ڪري ٿِي.
گھڻ اِنڊمي (گھام) عڪس گھڻ اِنڊمي عڪس Multi-sepectral Image نسبتاً ننڍِي (ٿلھي) تحلل Resolution وارا اھڙا عڪس آھن جيڪي ساڳي ئي وقت مختلف پَٽِيِِBand رکندڙ ھڪَ کان وڌيڪَ اِندرين مان ڪڍيا ويندا آھن. اھي پٽيون Bands انڊم Spectrum جي ڏيکائيندڙ Visible حصي کان وٺي انفرا سُرخ Infra-Red حصي تائين پکڙيل ھونديون آھن. جدول 1 ڪجھھ اھڙن اپگرھن جون پٽيون ڏيکاري ٿِي. جيڪي چشمياتي عڪس اعداد Image Data ميسر ڪن ٿا. اھا جدول ڏيکاري ٿِي تھ ڪجھھ اپگرھھ، جھڙوڪ ڪوئيڪ برڊ QuickBird ۽ ايڪونوس، IKONOS برق مقنائي اِنڊم جي ڏيکائيندڙ حصي ۾ ٽي پٽيون رکن ٿا، جن مان ھر ھڪ ٽن بنيادي رنگن، يعني ڳاڙھي، نيري، ۽ سائي مان ڪنھن ھڪ سان مطابقت رکي ٿي؛ جيڪي اصلي رنگ عڪس True Colour Image جوڙڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. تصوير نمبر 2 ايڪونوس مان نڪتل ھڪ اصلي رنگ عڪس ڏيکاري ٿِي. جيئن جدول 1 مان ظاھر آھي، ڪجھھ اپگرھھ، جھڙوڪ سِپوت 5، نيري پٽيءَ سان مطابقت رکندڙ اِندرِي نھ ٿا رکن، ان صورتَ ۾ نيري پٽيءَ جي جاءِ تي قريب انفرا سُرخ پٽِي استعمال ڪري نقلي رنگ عڪس False Colour Images جوڙيا ويندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن قريب انفرا سُرخ، ڳاڙھي، ۽ سائي پٽي، ترتيبوار، عڪس نُما Image Display جي ڳاڙھي، سائي، ۽ نيري چينل تي رکي نقلي رنگ عڪس جوڙيا ويندا آھن [25]. تصوير نمبر 3 ٽيرا - ايسٽر TERRA-ASTER مان نڪتل پرل ھاربر جو نقلي رنگ عڪس ڏيکاري ٿي [26]. اھو عڪس نقلي رنگن جِي ھيٺين ترتيب سان جوڙيو ويو آھي.
نُماڪار چينل اپگرھي پٽي ڳاڙھي گھڻ اِنڊياتي پٽي 3 (اَڏيکائيندڙ قريب انفرا سُرخ) سائي گھڻ اِنڊياتي پٽي 2 (ڏيکائيندڙ ڳاڙھي) نيري گھڻ اِنڊياتي پٽي 1 (ڏيکائيندڙ سائي)
تصوير 4 ڏيکاري ھڪ ٻيو سِپوت عڪس SPOT Image ڏيکاري ٿِي، جيڪو قدرتي رنگ Natural Colours سڏجندڙ رنگي امتزاج سان جوڙي وئي آھي. ڏيکائيندڙ ۽ اَڏيکائيندڙ گھڻ اِنڊمي پٽين کي ايئن ملايو ويو آھي تھ جيئن اھي بظاھر ھڪ اصلي رنگ عڪس محسوس ٿين، مطلب تھ عڪس اندر ساوڪ سائي نظر اچي، پاڻي نيرو نظر اچي، مِٽِي سليٽِي نظر اچي وغيرھ وغيرھ. تصوير 4 وارو عڪس اھڙو ئي ھڪ مثال آھي، جيڪو رنگن جي ھيٺين امتزاج سان جوڙيو ويو آھي.
نُماڪار چينل اپگرھي پَٽِي ڳاڙھي گھڻ اِنڊياتي پٽي 2 (ڏيکائيندڙ سائي) سائي (گھڻ اِنڊياتي پٽي 3) X0.25 + (گھڻ اِنڊياتي پٽي 1) X 0.75 نيري (گھڻ اِنڊياتي پٽي 3) X0.25 - (گھڻ اِنڊياتي پٽي 1) X 0.75
ڪڏھن ڪڏھن تھ رڳو اَڏيکائيندڙ پٽين کي مختلف ميلاپن سان ڪنھن ڳ س ن نُماڪار RGB Display تي نُمايان ڪيو ويندو آھي. جيئن تھ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي موجود ھر شَي جِي برق مقنائي اِنڊم جِي مختلف ورجائپُن Frequences لاءِ پنھنجِي پنھنجِي موٽَ Reflection آھي، تنھنڪري گھام عڪس جي ھر ھِڪَ پٽي ڪا مخصوص وَٿَ، شَي، يا مقدارُ عڪسڻ يا ماپڻ لاءِ ڪارائتي آھي. مثال طور، [26] مان ورتل جدول 2، نوئا سلسلي جي اپگرھن جِي ھر اِندرياتي پٽيءَ جو ڪارج ٻڌائي ٿِي. اِنَ سان گھڻ اِنڊمي عڪسڪاريءَ جي اھميتَ معلوم ٿي ٿِي ۽ ثابت ٿي ٿو تھ گھڻ اِنڊمي عڪس جي ھر پٽي مختلف قسمَ جي ڄاڻَ مھيا ڪري ٿي.
جُڙتُو مُھانڊِي راڊار (جُمُر) عڪس Synthetic Aperture RADAR Image ھِي اُھي عڪسَ جيڪي ڪنھن متحرڪ ھوائي رَٿَ يا خلائي رَٿَ تي سوار ڪنھن راڊار جي جھٽيل سگنلس مان جوڙيا وڃن. جمر عڪس گھڻي تحلل وارا عڪس آھن، جيڪي ڪنھن بھ وقت (اُسَ ھوندي يا نھ ھوندي)، ڪنھن بھ مُندَ ۾، ۽ ڪنھن موسمياتي حالتَ ۾ جھٽي سگھجن ٿا. Tropical Rainfall Measuring Mission (TRMM)، ERS-2، ENVISAT، RADARSAT-1، COSMO-SkyMed (Constellation of Small Satellites for Mediterranean basin Observation) ۽ ALOS جمر عڪس مھيا ڪندڙ مشھور اپگرھن ۾ شمار ٿين ٿا. مگر اھو ڌيان ۾ رکيو وڃي تھ ALOS ۽ ERS-2 چشمياتي عڪسن جو ذريعو پڻ آھن. جمر عڪسن جو گھڻو تحلل شھري علائقن جي مشاھدي لاءِ ڪارائتو آھي. جيتوڻيڪ تحقيقارن انھن جو استعمال ماحولياتي مطالعي لاءِ بھ ڪيو آھي تھ فوجي مقصدن لاءِ بھ. [27] جمر عڪسن جو استعمال قدرتي آفتن جي انتظام لاءِ ڪري ٿو، [28] انھن جو استعمال ماحولياتي انتظام ۾ ڄاڻائي ٿو ۽ [29] انھن جو استعمال فوجي مقصدن ۾ ٻڌائي ٿو. جمر اعداد اتي پنھنجو ڪم ڏيکارين ٿا جتي چشمياتي اعداد ڪا بھ ڄاڻَ ڏئي نھ ٿا سگھن، يعني، اھي علائقا جيڪي ڪڪرن يا ڪڪرن جي پاڇن سان ڍڪيل ھجن. جمر اعداد مٿاڇراتِي ناھموارِيءَ متعلق تمام ڪارائتي ڄاڻَ ڏئي مختلف ڌر اوڇڻن (ڪَوَر ٽائپيس) کي قابل تفريق Distinguishable بنائين ٿا، جيڪي ٻي صورتَ ۾ ھڪجھڙا انڊمي ڪيريٽرسٽڪس Spectral Characteristics ھوڻ باعث رڳو چشمياتي اعداد ۾ ناقابل تفريق Indistinguishable ھجن ٿا. جدول نمبر 3 جمر عڪس مھيا ڪندڙ اپگرھن جِي لسٽ ڏي ٿِي. مگر اھو ڌيان ۾ رکڻ گھرجي تھ جدول 3 اندر جمر عڪس مھيا ڪندڙ مشھور ترين اپگرھھ ڄاڻايل نھ آھي، ڇاڪاڻ جو اھو جدول ۾ شامل ڪرڻ کان گھڻو پيچيدھھ آھي. جيئن جدول ڏيکاري ٿِي، مختلف اپگرھن جي اِنسٽرومينٽس کي مختلف قطبيتون Polarizations آھن. مثال طور، انھن مان ڪن کي HH قطبيت آھي، جڏھن تھ ھڪَ (کاٻِي) H اھو ٿِي ظاھر ڪري تھ خارج ٿيل لھر اُفقاً قطبيل Horizontally Polarized آھي تھ ٻِي (ساڄِي) H اھو ٿِي ظاھر ڪري تھ رسِيو ڪيل لھر پڻ افقاً قطبيل آھي. ساڳيءَ ريت ٻين انسٽرومينٽس کي HV، VH، VV يا ھڪ کان وڌيڪَ قطبيتون آھن. مختلف اپگرھن جي راڊار انسٽرومينٽس کي ورجائپُون Frequencies بھ مختلف ٿين. ڪن اپگرھن کي ھڪَ کان وڌيڪَ ورائپون ھونديون آھن، جيڪي ھڪَ ئي منظر جا ڪيترين ئي ورجائپُن تي مشاھدا ميسر ڪري ڏين ٿا. اھڙا اعداد مختلف ڌر اوڇڻ Landcover يا ويجيٽيشن ٽائپيس، يا ساڳي ئي ويجيٽيشين ٽائيپ جِي مختلف حالتِ صحت ۽ واڌ جِي صورت ۾ درجھ بندي ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ھوائي رٿوار راڊار اسڪينر Airborne RADAR Scanners بھ جمر عڪس ڇڪڻ لاءِ استعمال ٿيندا آھن. تصوير نمبر 5 واشڱٽن ڊِي سِي جو سنھي تحلل وارو ھڪ جمر عڪس ڏيکاري ٿِي. ھر ورجائپ- قطبيت جوڙي کي نُماڪار Display جي ڳ، س، ۽ ن چينلس مان ڪو ھڪُ ڏئي، جمر عڪسن کي ڇاپيو/نُمايو Display ويندو آھي. اھڙو ھڪ مثال تصوير نمبر 6 آھي، جيڪا نُو يارڪ شھر جو ٽن پٽين LHH (ڳاڙھي ۾)، LHV (سائي ۾)، CHV (نيري ۾)، وارو نقلي رنگ جمر عڪس ڏيکاري ٿِي.